باب 24 — ٻيون اڳڪٿيون پوريون ٿيون
GSAM 376.1”هاڻي هن ڏينهن کان اڳتي غور ڪريو، نائين مهيني جي چوويهين ڏينهن کان، يعني انهيءَ ڏينهن کان، جڏهن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو ويو، انهيءَ تي غور ڪريو. ڇا ٻج اڃا گودام ۾ آهي؟ هائو، اڃا تائين ڊاک جي ول، انجير، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻ به ڦر نه ڏنو آهي؛ پر هن ڏينهن کان آءٌ اوهان کي برڪت ڏيندس.“1
GSAM 376.2ٽئين ملائڪ جي پيغام جي بلڪل شروعات کان وٺي ان جي پڪي ۽ لڳاتار واڌ ويجهه جي ڀيٽ چڱيءَ طرح انهيءَ ڪاميابيءَ سان ڪري سگهجي ٿي، جيڪا زربابل کي انهيءَ ڏينهن کان ملي، جنهن ڏينهن هن هيڪل جو بنيادي پٿر رکيو.
GSAM 376همت ٽوڙيندڙ امڪان
GSAM 376.3جڏهن يهودي قوم کي، سندن ڳوٿريون ۽ اناج جا گودام خالي هوندي به، خداوند جي هيڪل اڏڻ لاءِ سڏيو ويو، تڏهن انساني نظر سان اها ڳالهه هر طرح همت ٽوڙيندڙ پئي لڳي. جڏهن هنن ايمان سان انهيءَ سڏ جي فرمانبرداري ڪئي ۽ خوشيءَ سان ڪم ۾ هٿ وڌو، تڏهن خدا جو ڪاميابي بخشيندڙ هٿ مٿن ظاهر ٿيو. جڏهن اسين هن ٽئين پيغام جي اڀرڻ وقت جا تجربا ڏسون ٿا، تڏهن اسان کي انهن سان رهنمائي ڪندڙ هٿ نظر اچي ٿو، جيڪي سندس واٽ چونڊين ٿا. جيتوڻيڪ سندن ڀاڱي ۾ مصيبت اچي، تڏهن به جيڪي خدا تي ڀروسو رکن ٿا، تن تي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ڪم لاءِ سندس سنڀال هميشه پڌري ٿئي ٿي.
GSAM 376ڪردار جو حال ٻڌائيندڙ شاهدي
GSAM 376.424 نومبر 1862 تي گرين وِل، مشيگن جي وليم ولسن جي گهر ۾ هڪ ئي وقت ٻه گڏجاڻيون ٿيون، ته جيئن انهيءَ آسپاس سبت جي سچائي قبول ڪندڙن لاءِ ٻه ڪليسيا قائم ڪجن. گرين وِل جي ڪليسيا جي گڏجاڻي هڪ ڪمري ۾ بزرگ وائيٽ ۽ سندس زال هلائي رهيا هئا، جڏهن ته ٻئي ڪمري ۾ ويسٽ پلينز جي ڪليسيا لاءِ ٿيندڙ گڏجاڻيءَ جي ذميواري بزرگ بائنگٽن ۽ مون تي هئي. جڏهن اسين هڪ ڪمري ۾ شروعاتي ڪم ۾ مصروف هئاسين، تڏهن ٻئي ڪمري مان مسز وائيٽ جي شاهدي ڏيڻ جو آواز ٻڌي پئي سگهياسين. اسان جي ڪم ۾ ڪجهه ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون، ته بلڪل مناسب مهل مسز وائيٽ دروازو کوليو ۽ چيائين، ”ڀاءُ لفبرو، هن جماعت تي نظر وجهڻ سان مون کي معلوم ٿئي ٿو ته هتي موجود ڪن ماڻهن لاءِ مون وٽ شاهديون آهن. جڏهن اوهين تيار ٿيو، تڏهن آءٌ اندر اچي ڳالهائينديس.“ اسان کي انهيءَ ئي وقت مدد جي گهرج هئي، سو هوءَ اندر آئي. بزرگ بائنگٽن ۽ مون کان سواءِ، ڪمري ۾ هوءَ رڳو ٽن ڄڻن جا نالا ڄاڻندي هئي. ٻيا سندس لاءِ اوپرا هئا، جن کي هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو، سواءِ ان جي جو اهي کيس رويا ۾ ڏيکاريا ويا هئا.
GSAM 377مسٽر پراٽ جي زندگيءَ جو بيان
GSAM 377.1جڏهن هوءَ ڳالهائڻ لاءِ اٿي، تڏهن چيائين: ”جيڪڏهن پنهنجو پيغام ٻڌائيندي آءٌ اوهان جي شڪلين جو بيان ڪريان، ته اوهان کي مون کي معاف ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻتہ آءٌ اوهان جا نالا نٿي ڄاڻان. جيئن آءٌ اوهان جا چهرا ڏسان ٿي، تيئن اهو سڀ منهنجي اڳيان اچي ٿو، جيڪو خداوند اوهان بابت مون کي ڏيکارڻ پسند ڪيو آهي. ڪنڊ ۾ ويٺل اهو هڪ اک وارو ماڻهو [ڪنهن چيو، ’هن جو نالو پراٽ آهي‘] وڏيون دعوائون ڪري ٿو ۽ دينداريءَ جو وڏو ڏيک ڏئي ٿو، پر هن جي دل اڃا تائين تبديل نه ٿي آهي. سندس هاڻوڪي حالت ۾ کيس ڪليسيا ۾ شامل نه ڪريو، ڇاڪاڻتہ هو مسيحي نه آهي. هو پنهنجو گهڻو وقت ڪاريگرن جي ڪم وارن هنڌن ۽ دڪانن تي اجايو ويهي، سچائيءَ جي اصولن تي بحث ڪندي گذاري ٿو، جڏهن ته گهر ۾ سندس زال کي ٻارڻ جون ڪاٺيون وڍڻ، باغ جي سنڀال ڪرڻ ۽ ٻيا ڪم ڪرڻا پون ٿا. هو ڏيتي ليتيءَ ۾ اهڙا واعدا ڪري ٿو، جيڪي پورا نٿو ڪري. سندس پاڙيسرين کي هن جي دينداريءَ جي دعويٰ تي ڪوبه ڀروسو نه آهي. دين جي ڀلائيءَ لاءِ بهتر ٿيندو ته هو پنهنجي هاڻوڪي حالت ۾ ان بابت ڪجهه به نه چوي.“
GSAM 378ڀاءُ بار کي خوشي ملي
GSAM 378.1هن ڳالهه جاري رکندي چيو، ”هي پوڙهو ڀاءُ [جڏهن هن ڏانهن اشارو ڪيائين، تڏهن ڪنهن چيو، ’ڀاءُ بار‘] مون کي انهيءَ ٻئي ماڻهوءَ جي بلڪل ابتڙ ڏيکاريو ويو هو. هن جي زندگي ڏاڍي مثالي آهي؛ هو پنهنجا سڀ واعدا پورا ڪرڻ جو خيال رکي ٿو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو چڱيءَ طرح گذران ڪري ٿو. هو پنهنجي پاڙيسرين سان سچائيءَ بابت ڳالهائڻ جي به مشڪل سان همت ڪري ٿو، انهيءَ ڊپ کان ته متان ڪم بگاڙي ۽ نقصان ڪري وجهي. هو سمجهي نٿو سگهي ته خداوند اهڙو ٻاجهارو ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو سندس گناهه معاف ڪري، ۽ پاڻ کي ڪليسيا جو ميمبر ٿيڻ جي به لائق نٿو سمجهي.“ پوءِ هن کيس چيو، ”ڀاءُ بار، خداوند مون کي چيو آهي ته توکي ٻڌايان ته تو پنهنجي ڄاڻ ۾ آيل سڀني گناهن جو اقرار ڪيو آهي، ۽ هن گهڻو اڳ تنهنجا گناهه معاف ڪري ڇڏيا آهن؛ ڪاش تون رڳو انهيءَ تي ايمان آڻين.“ انهيءَ ڀاءُ جي چهري تان اداسي هڪدم لهي ويئي. هن مرڪي مٿي ڏٺو ۽ سادگيءَ سان چيائين، ”ڇا هن ائين ڪيو آهي؟“ مسز وائيٽ جواب ڏنو، ”هائو، ۽ مون کي چيو ويو هو ته توکي ٻڌايان، ’اڳتي اچ ۽ ڪليسيا سان شامل ٿي؛ ۽ جيئن موقعو مليئي، تيئن سچائيءَ جي حق ۾ ڪا ڳالهه چئه؛ ان جو سٺو اثر ٿيندو، ڇاڪاڻتہ تنهنجي پاڙيسرين کي توتي ڀروسو آهي.‘“ هن وراڻيو، ”آءٌ ائين ڪندس.“
GSAM 378.2پوءِ هن چيو، ”جيڪڏهن مسٽر پراٽ ڪجهه وقت لاءِ اهڙو رويو اختيار ڪري، جهڙو ڀاءُ بار اختيار ڪندو آيو آهي، ته اهو سندس ڀلي لاءِ ٿيندو.“
GSAM 378.3اهڙيءَ طرح ڪليسيا جي تنظيم ۾ اسان جي ڏکيائيءَ جو هڪ سبب دور ٿي ويو. سندس شاهدي ڏيڻ کان اڳ اسين مسٽر بار کي ڪليسيا ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ڪري نه ٿي سگهياسين؛ ٻئي پاسي، اسان ڏٺو ته لڳ ڀڳ هرڪو مسٽر پراٽ کي قبول ڪرڻ جي خلاف هو، پر ڪنهن کي به اها همت نه ٿي ته ٻڌائي ته هو مخالفت ڇو ٿو ڪري.
GSAM 378هڪ ڪٽنب مان شڪ ۽ حسد دور ٿيو
GSAM 378.4ان کان پوءِ هن هڪ هلڪي ڀوري رنگت واري مرد سان ڳالهايو، جيڪو ڪمري جي هڪ پاسي ويٺو هو؛ پوءِ بلڪل سامهون ٻئي ڇيڙي تي ويٺل هڪ سنهڙي چهري واري عورت ڏانهن اشارو ڪيائين، ۽ ٻنهي کي مڙس ۽ زال ڪري مخاطب ٿي. هن سندن اڳين زندگيءَ جون ڪجهه ڳالهيون بيان ڪيون، جيڪي انهن مان ڪنهن جي به سچائيءَ کي قبول ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ کان اڳ ٿيون هيون. هن چيو ته شيطان اهي ڳالهيون عورت جي ذهن ۾ ايتريون وڌائي پيش ڪيون هيون، جو هوءَ چري ٿي پيئي هئي. مسز وائيٽ چيو، ”مون ڏٺو ته هيءَ عورت هڪ سال چرين جي اسپتال ۾ رهي هئي؛ پر هوش بحال ٿيڻ کان پوءِ به هن حسد ۽ شڪ جي انهن ئي احساسن کي پنهنجي ذهن کي پريشان ڪرڻ ڏنو آهي. انهيءَ سبب سندس مڙس کي وڏو ڏک پهتو آهي، جنهن پنهنجي وس آهر سڀ ڪجهه ڪيو آهي ته زال کي ڏيکاري ته هو ساڻس وفادار آهي ۽ کيس ڪوبه سبب نه آهي ته هن کي ائين پاڻ کان پري رکي، جيئن هوءَ رکي ٿي.“
GSAM 379.1هڪدم زال ڪمري جي ٻئي پاسي ڊوڙي ويئي ۽ گوڏن ڀر ويهي پنهنجي مڙس کي منٿ ڪيائين ته کيس معاف ڪري. اهي ٻئي ملڪ جي انهيءَ علائقي ۾ لڳ ڀڳ اوپرا هئا، ۽ سندن اڳوڻي زندگيءَ جي ڪنهن کي خبر نه هئي. البت، جيڪي ساڻن وڌيڪ واقف هئا، تن کي خبر هئي ته سندن وچ ۾ دوري هئي، پر ان جو سبب کين معلوم نه هو.
GSAM 379اليشع ۽ حزائيل جي واقعي جهڙو
GSAM 379.2مسز وائيٽ جي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ ڪليسيا جي تنظيم جو ڪم جلد پورو ٿيو. مسٽر بار خوشيءَ سان جماعت ۾ شامل ٿيو، جڏهن ته مسٽر پراٽ کي ٻاهر رکيو ويو. گڏجاڻي ختم ٿيندي ئي پوئين ماڻهوءَ وڏي جوش سان چيو، ”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو ته هنن ماڻهن سان گڏ رهڻ ۽ منافقي ڪرڻ جي ڪوشش اجائي آهي؛ اوهين ائين ڪري ئي نه سگهندا.“
GSAM 379.3مٿئين واقعي ۾ جيئن ڪردار جو حال بيان ڪيو ويو، سو اسان کي زور سان اهڙي ئي هڪ واقعي جي ياد ڏياري ٿو، جيڪو اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ لکيو ويو آهي:2 شام جي بادشاهه بن هدد پنهنجي خادم حزائيل کي اليشع ڏانهن موڪليو هو ته پڇي ته ڇا هو پنهنجي بيماريءَ مان چڱو ڀلو ٿيندو. اليشع کي حزائيل جي حالت بابت اڳ ئي رويا ڏيکاري ويئي هئي، ۽ جڏهن اهو ماڻهو سندس اڳيان آيو ۽ هن سندس چهري ڏانهن ڏٺو، تڏهن اهو سڀ ڪجهه چٽيءَ طرح سندس ذهن ۾ اچي ويو.
GSAM 379بزرگ وائيٽ کي فالج جو حملو ٿيو
GSAM 379.4اربع، 16 آگسٽ 1865 تي، حد کان وڌيڪ محنت ڪرڻ ۽ ننڊ گهٽ ٿيڻ سبب بزرگ وائيٽ کي فالج جو حملو ٿيو. اسان جي ماڻهن ۾ اڃا صحت جا ادارا قائم نه ٿيا هئا، تنهنڪري کيس ڊينزول، نيو يارڪ جي هڪ صحت جي اداري ۾ نيو ويو، جنهن جو نالو ”ٽڪريءَ جي لاهه تي اسان جو گهر“ هو. سندس زال ۽ هيءُ لکندڙ 14 سيپٽمبر کان 7 ڊسمبر تائين اتي ساڻس گڏ هئا. اداري ۾ ٿيندڙ علاجن مان کيس رڳو ٿورو آرام مليو، تنهنڪري اسين راچسٽر، نيو يارڪ جي ليڪ ويو ۾ بريڊلي ليمسن جي مهمان نواز گهر وياسين، جتي اٽڪل ٽي هفتا رهياسين. هتي بزرگ جي. اين. اينڊريوز سان ملي اسان کي خوشي ٿي، جيڪو مين ۾ ڪيترائي مهينا گذاري تازو انهيءَ شهر ۾ موٽيو هو.
GSAM 380بزرگ وائيٽ لاءِ دعا
GSAM 380.1بزرگ اينڊريوز ۽ مسٽر اورٽن جا ڪٽنب هر منجهند کان پوءِ بزرگ وائيٽ سان گڏ ۽ سندس لاءِ دعا ڪرڻ جي وقت ۾ اسان سان شامل ٿيندا هئا. اهو سلسلو 25 ڊسمبر تائين هلندو رهيو. ڪرسمس جي انهيءَ ڏينهن جڏهن ٻاهرين دنيا خوشين ۽ دعوتن ۾ مشغول هئي، تڏهن راچسٽر جي ڪليسيا اهو ڏينهن بزرگ وائيٽ لاءِ روزي ۽ دعا جي ڏينهن طور ملهايو. اسان جون گڏجاڻيون صبح ۽ منجهند کان پوءِ، ٻنهي وقتن تي نيو مين گهٽيءَ ۾ بزرگ اينڊريوز جي گهر ٿيون، ۽ شام جو جيڪي ماڻهو اڳ بزرگ وائيٽ سان گڏ دعا ڪندا رهيا هئا، سي وري مسٽر ليمسن جي گهر ساڻس گڏ ٿيا.
GSAM 380ڪرسمس جي رات ڏنل رويا
GSAM 380.2انهيءَ شام جي گڏجاڻي وڏي روحاني قوت واري هئي. بزرگ وائيٽ کي وڏي برڪت ملي، ۽ مسز وائيٽ کي هڪ عجيب رويا ڏني ويئي، جنهن ۾ کيس ڪيتريون ئي ڳالهيون ڏيکاريون ويون. انهن ۾ بزرگ وائيٽ لاءِ هيءَ هدايت به هئي ته کيس ڪيئن اڳتي هلڻ گهرجي، جيئن خدا تي پنهنجي ايمان موجب عمل ڪري، جنهن ايترو چٽو پنهنجو هٿ وڌائي سندس لاءِ ڪم ڪيو هو ته جيئن هو وري صحتياب ٿئي.
GSAM 380شيطان جي حملي جي اڳڪٿي
GSAM 380.3جيڪي بزرگ وائيٽ لاءِ دعا ڪندا رهيا هئا، تن کي مسز وائيٽ چيو:
GSAM 380.3”شيطان جو ارادو هو ته منهنجي مڙس کي ناس ڪري ۽ کيس قبر ۾ لاهي. انهن دل سان ڪيل دعائن جي وسيلي سندس طاقت ٽٽي ويئي آهي. مون کي ڏيکاريو ويو آهي ته شيطان هن جماعت تي ڪاوڙيل آهي، جيڪا خدا جي هن خادم لاءِ ٽن هفتن تائين لڳاتار دل سان دعا ڪندي رهي آهي، ۽ هاڻي هن پڪو ارادو ڪيو آهي ته مٿن زبردست حملو ڪري. مون کي چيو ويو ته اوهان کي ٻڌايان، ’خدا جي تمام ويجهو رهو، ته جيئن جيڪو ڪجهه اوهان تي اچي، تنهن لاءِ تيار هجو.‘“
GSAM 381جي. ٽي. اورٽن کي ايندڙ خطري جو اڳواٽ احساس
GSAM 381.1جنوري 1866 جي پهرئين ڏينهن، بزرگ وائيٽ ۽ سندس ڪٽنب ريل رستي بيٽل ڪريڪ، مشيگن ڏانهن روانا ٿيا. آءٌ باقي سيارو اولهه نيو يارڪ ۾ رهيس. جنهن شام رويا ڏني ويئي هئي، انهيءَ ئي شام کان مسٽر جي. ٽي. اورٽن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته سندس جان خطري ۾ آهي، پر کيس خبر نه هئي ته ڪهڙي پاسي کان. هن اهو احساس ڪيترن ماڻهن کي ٻڌايو. آچر، 4 مارچ جي شام، هو پارما مان، جتي هو ٻن ڏينهن جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو، راچسٽر موٽيو. مسٽر اي. بي. سينڊرز (جيڪو هاڻي، 1905 ۾، سان هوزي، ڪيليفورنيا ۾ رهي ٿو) به ساڻس گڏ هو. شهر مان پنڌ ڪندي هن سينڊرز کي عرض ڪيو ته سڀ کان وڌيڪ روشن گهٽيءَ مان هلن، ”ڇاڪاڻتہ،“ هن چيو، ”مون کي هر وقت ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪو مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو آهي.“ تنهن هوندي به ائين نه ٿي لڳو ته کيس ڪا خبر هئي ته ڪير سندس جان وٺڻ چاهي ٿو.
GSAM 381.2آءٌ 7 مارچ تي پارما کان راچسٽر موٽيس ۽ مسٽر اورٽن جي ناٺيءَ، مسٽر ليمسن وٽ ترسيس. 8 تاريخ تي هو ۽ مسز اورٽن اسان سان ملڻ آيا. تڏهن اسان بندوبست ڪيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو ريل رستي ايري ضلعي جي لنڪاسٽر وڃون، جتي مون کي سندس اڪيلي پٽ جي شاديءَ جي رسم ادا ڪرڻي هئي. اسان اهو ڏينهن خوشيءَ سان گذاريو، تنهن هوندي به اهو هڪ سنجيدگيءَ وارو ڏينهن هو.
GSAM 381جي. ٽي. اورٽن جو قتل
GSAM 381.3هو شام جو 5 وڳي مسٽر ليمسن جي گهر مان نڪتا، ۽ شام جو 7:30 وڳي هڪ قاصد اچي اسان کي ٻڌايو ته ڪنهن اڻڄاتل ماڻهوءَ مسٽر اورٽن تي سندس پنهنجي اصطبل ۾، جڏهن هو پنهنجن گهوڙن جي سنڀال ڪري رهيو هو، وحشياڻو حملو ڪيو آهي. اسين تڪڙا انهيءَ هنڌ پهتاسين ۽ ڏٺوسين ته گاڏيءَ جي لوهه سان مڙهيل ٿنڀي سان سندس مٿي تي بي رحميءَ سان ڌڪ هنيا ويا هئا ۽ هو بيهوش هو. هو انهيءَ رات 12:35 تي مري ويو. اڄ تائين خبر نه پيئي آهي ته اهو ظالماڻو ڪم ڪنهن ڪيو. يقيناً اهو پئسن لاءِ نه ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻتہ سندس کيسي ۾ پيل گهڙيءَ کي هٿ به نه لاتو ويو هو، ۽ نه ئي سندس ڳوٿريءَ کي، جنهن ۾ $45 هئا. مسز اورٽن لاءِ اهو وڏو صدمو هو، جنهن جي اثرن مان هوءَ ڪڏهن به نڪري نه سگهي. سندس جسماني صحت تيزيءَ سان خراب ٿيندي ويئي، ۽ هوءَ پنهنجي مڙس کان پوءِ گهڻو وقت جيئري نه رهي.
GSAM 382انهيءَ ڪرسمس تي ڪيل اڳڪٿي پوري ٿي
GSAM 382.1ڪرسمس جي انهيءَ يادگار شام کان ڪجهه ئي مهينن اندر، انهن نون ماڻهن مان ڇهه قبرن ۾ هئا، جن ٽن هفتن جي انهيءَ دعا ۾ حصو ورتو هو. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي اڳڪٿي نهايت چٽيءَ ريت پوري ٿي.
GSAM 382نااميد ماڻهوءَ کي آٿت
GSAM 382.212 ڊسمبر 1866 جي صبح سوير، نارٿ لبرٽي، انڊيانا جو ايلياس اسٽائلز منهنجي گهر آيو ۽ عرض ڪيائين ته آءٌ ساڻس انهيءَ هنڌ هلي جيمز هاروي کي، جيڪڏهن ٿي سگهي، آٿت ڏيان، جيڪو نااميديءَ ۾ هو ۽ سمجهندو هو ته سندس لاءِ ڪابه اميد باقي نه آهي. مون کي خبر هئي ته مسز وائيٽ کي آخري ڏنل رويا ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڏيکاريون ويون هيون ۽ ڪيترن ماڻهن جون حالتون نبوتي نموني کيس ڏيکاريون ويون هيون، تنهنڪري مون کيس چيو، ”ٿي سگهي ٿو ته ڀيڻ وائيٽ سندس حالت بابت ڪجهه ڏٺو هجي، ۽ جيڪڏهن ائين آهي ۽ هوءَ اهو لکي ڏئي، ته اها ڳالهه منهنجي ڪنهن به چوڻ کان وڌيڪ اثرائتي ٿيندي.“
GSAM 382.3اسين هڪدم وٽس وياسين، ۽ مسٽر هاروي جي حالت بابت کيس هڪ لفظ به ٻڌائڻ کان سواءِ، مون پڇيو، ”ڀيڻ وائيٽ، اوهان کي ڏنل ڪنهن به رويا ۾ ڀاءُ جيمز هاروي جي حالت بابت ڪا روشني ملي آهي؟“ هن چيو، ”هائو، مون کي ملي آهي، ۽ ڪجهه ڏينهن کان مون کي ائين محسوس ٿيندو رهيو آهي ته مون کي اهو لکي کيس موڪلڻ گهرجي.“ پوءِ هوءَ اسان کي ٻڌائڻ لڳي ته هن ڇا ڏٺو هو. مون چيو، ”آءٌ صبح جو ساڻس ملڻ وڃڻ وارو آهيان، ۽ جيڪڏهن اوهين اهو لکي ڏيو، جيڪو اوهان کي ڏيکاريو ويو آهي، ته آءٌ اهو کيس کڻي ڏيندس.“ انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪري اسين وٽانئس موٽياسين، ۽ شام جو وري وٽس وياسين. هن لکڻ پورو ڪري ڇڏيو هو، ۽ اسان تي مهرباني ڪري اهو وڏي آواز سان پڙهي ٻڌايائين.
GSAM 383نااميديءَ ۾ پيل جيمز هاروي لاءِ شاهدي
GSAM 383.1شاهديءَ ۾ صاف بيان ڪيل هو تہ مسٽر هاروي جي صحت ڪمزور ٿي ويندي، ۽ شيطان کيس نااميديءَ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ کيس اهو خيال ڏيارڻ گهرندو تہ هن لاءِ ڪا رحمت ڪانهي ۽ سندس حالت ۾ ڪا اميد ڪانهي؛ پر هن ڏٺو هو تہ هاروي پنهنجي گذريل زندگيءَ جون غلطيون سڌارڻ لاءِ پنهنجي وس آهر سڀ ڪجھہ ڪيو هو، ۽ خدا کيس معاف ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ، جڏهن کيس پنهنجي جان وٺڻ جي آزمائش ٿيندي، تڏهن هن کي ڏيکاريو ويو تہ خدا جا ملائڪ سندس چوڌاري موجود هئا ۽ کيس خدا ۽ آسمان ۾ اميد رکڻ ڏانهن اشارو ڪري رهيا هئا. ان شاهديءَ ۾ تسليءَ ۽ همت جا اهڙا ٻيا بہ ڪيترائي لفظ هئا.
GSAM 383.2هيءَ لکڻي پاڻ وٽ کڻي، اسين ٻئي ڏينهن صبح جو نارٿ لبرٽيءَ ڏانهن وياسين. واٽ تي مسٽر اسٽائلز مون کي ٻڌايو تہ مسٽر هاروي مون سان ملڻ گهري ٿو، پر هو چوي ٿو تہ مون وٽ هن لاءِ اميد جو ڪوبہ لفظ نہ هوندو؛ جڏهن آءٌ هن سان ملندس، تڏهن آءٌ بہ ساڻس متفق ٿيندس تہ هن جي حالت بي اميد آهي ۽ هو هڪ هلاڪ ٿيل ماڻهو آهي؛ ۽ پوءِ، جيئن قديم زماني جي عيليءَ کي ٻڌايو ويو هو تہ خدا جو صندوق کسجي ويو آهي، تيئن هو بہ پٺتي ڪري مري ويندو.
GSAM 383.3اسين منجهند کان پوءِ اٽڪل 3 وڳي مسٽر هارويءَ جي گهر پهتاسين. جڏهن آءٌ ساڻس مليس، تڏهن چيم، ”ڀاءُ هاروي، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ هن نهايت درد ڀرئي لهجي ۾ جواب ڏنو، ”هلاڪ ٿي ويس! هلاڪ ٿي ويس!! هلاڪ ٿي ويس!!!“ مون چيو، ”نہ! تون هلاڪ نہ ٿيو آهين. تنهنجي لاءِ اميد آهي!“ جڏهن هن ڏٺو تہ مون کيس اهڙو جواب ڏنو، تڏهن هن نرم آواز ۾ چيو، ”ٽن هفتن کان آءٌ ائين سمجهندو رهيو آهيان تہ منهنجي لاءِ ڪا اميد ڪانهي ۽ آءٌ هلاڪ ٿي ويو آهيان؛ ۽ اڄ، جڏهن آءٌ ٻنيءَ تان شهر ڏانهن اچي رهيو هوس ۽ چڪيءَ جي تلاءَ واري پل تان لنگهيس، تڏهن ڄڻ ڪنهن مون کي چيو، ’تون هلاڪ ٿي ويو آهين! تنهنجي لاءِ ڪا اميد ڪانهي! چڪيءَ جي تلاءَ ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي ٻوڙي ڇڏ!‘ مون سوچيو تہ ائين ڪرڻ سان مسيح جي ڪم تي بدنامي ايندي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي جان وٺڻ کان رڪجي ويس.“
GSAM 384ڇوٽڪارو جلد آيو
GSAM 384.1مون چيو، ”ڀاءُ هاروي، تون هلاڪ نہ ٿيو آهين! مون وٽ هتي سڌي آسمان مان آيل هڪ شاهدي آهي، جيڪا چوي ٿي تہ تون هلاڪ نہ ٿيو آهين!“ هن جواب ڏنو، ”تڏهن آءٌ اها ٻڌندس.“ پوءِ مون کيس اها شاهدي پڙهي ٻڌائي؛ پهرين اهو بيان ڪيم تہ هڪ بہ لفظ منهنجي هٿن ۾ نہ ڏنو ويو هو. جڏهن مون پڙهڻ پورو ڪيو، تڏهن سندس چهرو مرڪ سان ٻهڪي اٿيو ۽ هن چيو، ”تڏهن منهنجي لاءِ اميد آهي. آءٌ سچ پچ خداوند تي ايمان رکان ٿو.“
GSAM 384.2پڙهڻ کان پوءِ اسان گڏجي دعا ڪئي، ۽ دعا کان پوءِ هو هڪ بدليل ۽ خوش ماڻهو ٿي اٿيو. هن اسان کي ٻڌايو تہ هن لکڻيءَ ۾ گذريل ٽن هفتن دوران سندس من ۾ هلندڙ خيالن جو بيان ايتري درست نموني ٿيل هو، جو هو پاڻ بہ ائين بيان نہ ڪري سگهي ها. اهڙيءَ طرح خدا جي محبت ظاهر ٿي، جنهن هن وسيلي هن ڀاءُ کي نااميديءَ مان ٻاهر ڪڍيو.
GSAM 384خدمت جو ميدان وڌيو
GSAM 384.31868ع تائين ستين ڏينهن وارن ايڊونٽسٽن جي خدمت جو ميدان آمريڪا جي گڏيل رياستن تائين محدود هو، ۽ انهن ۾ بہ رڳو ان حصي تائين، جيڪو مسوريءَ جي ڏاکڻي سرحد کان اتر ۽ مسوري درياهه کان اوڀر طرف آهي. 28 مئي تي بيٽل ڪريڪ، مشيگن ۾ ٿيل جنرل ڪانفرنس جي اجلاس دوران، خدمت جي ميدانن ۽ ڪم جي ورهاست تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ٿيو تہ ٻہ خدمت ڪندڙ ۽ سٺ فوٽن جو هڪ تنبو ڪيليفورنيا ڏانهن موڪليو وڃي. بزرگ ڊي. ٽي. بورڊو ۽ هيءُ ليکڪ انهيءَ سال 18 جولاءِ تي سان فرانسسڪو پهتا.
GSAM 384ڪيليفورنيا ۾ تبليغي ڪم جي شروعات
GSAM 384.4ڪيليفورنيا ۾ تبليغي ڪم جي شروعات جي سلسلي ۾ آءٌ هڪ ڳالهہ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ گهران ٿو، جيڪا نبوت جي بخشش جي عملي فائدي کي چڱيءَ طرح ظاهر ڪري ٿي. پولس، روحاني بخششن بابت ڳالهائيندي، جن ۾ نبوت جي بخشش بہ شامل آهي، چوي ٿو تہ اهي ”پاڪ ماڻهن کي ڪامل ڪرڻ لاءِ، خدمت جي ڪم لاءِ، مسيح جي بدن جي اڏاوت لاءِ“ آهن.3 بيشڪ پاڪ ماڻهن کي ڪامل ڪرڻ جو سڀ کان ڪارائتو رستو اهو آهي تہ کين سندن غلطيون ڏيکاريون وڃن، تہ جيئن هو انهن کي ڇڏي ڏين ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي قيمتي رت ۾ پنهنجن گناهن کان ڌوپجي وڃن. انهيءَ مقصد لاءِ، نبوت جي بخشش وسيلي خدمت جي ڪم ۾ مدد، موجوده سچائيءَ جي ڪم سان لاڳاپيل، شروع کان ئي ظاهر ٿيندي رهي آهي؛ اها خداوند جي ٻانهن کي سندن ڪم ڪرڻ جي طريقي ۾ خاميون ڏيکاريندي رهي آهي، ۽ اهو بہ تہ ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ سان هو ماڻهن کي خدا ڏانهن ڦيرائڻ ۾ ڪيئن وڌيڪ اثرائتا ٿي سگهن ٿا.
GSAM 385ڪيليفورنيا ۾ خدمت ڪيئن ڪجي، تنهن بابت شاهدي
GSAM 385.1ڪيليفورنيا ۾ اسان جي پهچڻ کان ٿورو ئي پوءِ اسان کي مسز وائيٽ جو هڪ خط مليو، جنهن ۾ هن هڪ رويا بيان ڪئي هئي، جيڪا کيس 12 جون، جمعي جي شام، بيٽل ڪريڪ ۾ ڏني ويئي هئي. اهو ڏينهن اسان ڪيليفورنيا ڏانهن روانا ٿيڻ کان اڳ لينڪاسٽر، نيو يارڪ ۾ گذاريو هو. هوءَ ڪڏهن بہ ڪيليفورنيا نہ ويئي هئي، ۽ اتي جي ماڻهن جي عادتن بابت کيس ڪو ذاتي علم ڪونہ هو. حقيقت ۾، ان وقت تائين هوءَ ڪڏهن بہ مسوري درياهه کان اولهہ طرف نہ ويئي هئي. اتي جي ڳالهين بابت هن وٽ جيڪو بہ علم هو، سو ان مان حاصل ٿيو هو، جيڪو خداوند پنهنجي رضا سان مٿس ظاهر ڪيو هو.
GSAM 385.2پنهنجي خط جي هدايتن ۾ هن ڪيليفورنيا جي ماڻهن جي کليل هٿ سان خرچ ڪرڻ واري روش جو بيان ڪيو، ۽ اهو بہ ٻڌايو تہ انهن ۾ تنگ دليءَ ۽ ”پائي پائي بچائڻ“ واري رٿ سان ڪم ڪرڻ جو ڪهڙو اثر ٿيندو. ڪيليفورنيا جي ماڻهن کي تبليغ ڪرڻ وقت، انهن سان ڪنهن قدر انهيءَ کليل دليءَ سان پيش اچڻ گهرجي، جنهن سان هو پاڻ ڪم ڪن ٿا، پر فضول خرچيءَ سان نہ.
GSAM 385اڳڪٿي ڪيل ڪاميابي ملي
GSAM 385.3هاڻي جڏهن آءٌ ڪيليفورنيا ۾ ڪم جي پهرين شروعات کان وٺي گذريل ستٽيهہ سالن ڏانهن پوئتي ڏسان ٿو، ۽ ان وقت جون حالتون، ماڻهن جي حالت، ۽ اهو طريقو خيال ۾ آڻيان ٿو، جنهن سان اسين ڪم ڪريون ها جيڪڏهن اسان کي اها شاهدي نہ ملي ها، ۽ ڏنل هدايت تي هلڻ جا نتيجا ڏسان ٿو، تڏهن چئي سگهان ٿو تہ اسان جو ڪم ٽن مهينن ۾ ان کان وڌيڪ اڳتي وڌيو، جيترو هڪ سال ۾ وڌي ها، جيڪڏهن نبوت جي بخشش وسيلي مليل هدايت سان ”خدمت جي ڪم ۾“ اسان جي مدد نہ ٿئي ها. 1871ع جي بهار تائين سونوما ڪائونٽيءَ ۾ ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ سبت ملهائڻ وارن جون پنج ڪليسيائون قائم ٿي چڪيون هيون.
GSAM 386سان فرانسسڪو ۾ پهريون تنبوءَ ۾ ديني اجتماع
GSAM 386.1ساڳئي سال جون ۾ اسان سان فرانسسڪو ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو تنبو لڳايو. جيئن تہ بزرگ بورڊو اوڀر ڏانهن موٽي ويو هو، تنهنڪري سندس جاءِ وٺڻ لاءِ مشيگن مان هڪ ٻيو خدمت ڪندڙ موڪليو ويو. هو 17 جون تي پهتو ۽ هڪدم شهر ۾ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. تنبوءَ ۾ ڪجھہ هفتن جي ڪوشش کان پوءِ، اسان مسواڙ تي ورتل هالن ۾ 1 ڊسمبر 1871ع تائين پنهنجون گڏجاڻيون جاري رکيون. هن ڪم جي نتيجي ۾ سان فرانسسڪو ۾ پنجاهہ کان وڌيڪ ماڻهن پيغام قبول ڪيو.
GSAM 386ڪيليفورنيا ۾ اندروني آزمائشون
GSAM 386.2هن وقت تائين ڪيليفورنيا ۾ اسان جون آزمائشون گهڻو ڪري ٻاهرين مخالفت سبب هيون، پر هاڻي اسان جي ماڻهن جي ايمان لاءِ هڪ ٻي نوعيت جي اوچتي آزمائش اٿي. هڪ ساٿي خدمت ڪندڙ اهڙي روش تي اڙيو بيٺو هو، جنهن بابت مون کي پڪ هئي تہ اها کيس پاڻ کي ۽ اسان جي ڪم کي بدنام ڪندي. شهر ۾ اسان جا ڪي سخت دشمن هئا، جيڪي اسان جي هر چرپر تي نظر رکندا هئا ۽ اسان جي ڪنهن بہ بي احتياطيءَ واري قدم کي اسان جي نقصان لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار هئا. تنهنڪري رسول جي هن نصيحت تي ڌيان ڏيڻ تمام ضروري ٿي پيو تہ ”برائيءَ جي هر صورت کان پاسو ڪريو.“
GSAM 386خطرناڪ خودسري
GSAM 386.3مون اها دعويٰ نہ ڪئي تہ هن ڀاءُ پنهنجي روش ۾ واقعي ڪو گناهہ ڪيو هو، پر مون دليل ڏنو تہ جنهن ڳالهہ کي هو بي ڏوهي سمجهي ٿو، اسان جا دشمن ان مان فائدو وٺندا. هن اهو موقف اختيار ڪيو تہ هن معاملي ۾ کيس ”جيئن وڻيس تيئن ڪرڻ“ جو حق آهي، خاص ڪري جڏهن اهو مڃيو وڃي ٿو تہ سندس عمل ۾ ڪو گناهہ ڪونهي. اهڙيءَ طرح حالتون هلنديون رهيون، تان جو 23 جنوري 1872ع تي آءٌ سونوما ڪائونٽيءَ مان سان فرانسسڪو ويس، تہ ڏسان تہ اتي معاملن کي روڪڻ لاءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو.
GSAM 387.1ان وقت تائين اسان جا دشمن، جيئن مون کي ڊپ هو، سندس روش کي اسان جي خلاف استعمال ڪري رهيا هئا، ۽ هن جو موقف اهو هو تہ اها ”سندن واسطي جي ڳالهہ ئي ڪانهي“؛ هو کين ڏيکاريندو تہ سندس پنهنجي سوچ آهي، ۽ هو رستن تي جيئن وڻيس ۽ جنهن سان وڻيس، تيئن هلي سگهي ٿو، بنا ان جي جو سندن ٽيڪا ٽپڻيءَ جو پابند رهي. مون ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهڙي روش مناسب نہ ٿيندي، ۽ اهڙي خودسريءَ جي پڇاڙي برائيءَ ۾ ٿيندي. سندس ڪي دوست هئا، جن کي ساڻس گهڻي همدردي هئي؛ انهن مان ڪن اهڙو موقف اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن سان مٿس اڃا وڌيڪ ملامت اچي ها. ڪليسيا جي وڏي حصي سندس هوڏ جي خرابي ڏٺي، ۽ اهي اسان جي ڪم کي بدناميءَ کان بچائڻ لاءِ منهنجي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار هئا.
GSAM 387جاچ لاءِ گڏجاڻي مقرر ڪئي ويئي
GSAM 387.227 جنوري، سبت جي ڏينهن، حالتون اهڙيون هيون، جڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو تہ هن معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ڪليسيا کي ڪو فيصلائتو قدم کڻڻ گهرجي، تہ جيئن اها ان داغ کان بچي سگهي، جيڪو هن سرڪشيءَ واري روح سبب لڳڻ جو امڪان هو. حالتن تي ۽ انهن بابت ڪليسيا جي حيثيت ۾ پنهنجي فرض تي غور ڪرڻ لاءِ آچر، 28 جنوري تي صبح جو 9 وڳي گڏجاڻي شروع ڪرڻ جو وقت مقرر ڪيو ويو. ظاهري حالتن مان ائين ٿي لڳو تہ ان ڪليسيا ۾ ڦوٽ پوڻ اڻٽر آهي. مون ان رات جو گهڻو حصو خدا کان دعا گهرڻ ۾ گذاريو تہ هو اسان جي حق ۾ ڪم ڪري.
GSAM 387لکيل اقرار
GSAM 387.328 تاريخ جي صبح جو، جڏهن آءٌ گڏجاڻيءَ ڏانهن روانو ٿيس، تڏهن منهنجي رهائش واري جاءِ جي ڀرسان، رستي جي ڪناري تي، اهو ساٿي خدمت ڪندڙ مون کي روئندي مليو. هن چيو، ”ڀاءُ لفبرو، آءٌ اڄ گڏجاڻيءَ ۾ نہ پيو وڃان.“
GSAM 387.4مون چيو، ”گڏجاڻيءَ ۾ نہ پيو وڃين؟ گڏجاڻي تہ تنهنجي معاملي بابت آهي.“
GSAM 388.1هن چيو، ”مون کي خبر آهي، پر آءٌ بلڪل غلط آهيان. منهنجي باري ۾ اوهان جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، سو صحيح آهي. هيءُ اقرار جو خط آهي، جيڪو مون ڪليسيا ڏانهن لکيو آهي؛ اوهين اهو کڻي وڃو ۽ کين پڙهي ٻڌايو. جيڪڏهن آءٌ اتي نہ هوندس تہ اهو اوهان لاءِ بہ بهتر ٿيندو ۽ انهن لاءِ بہ، جيڪي مون سان همدردي ڪرڻ ڏانهن مائل ٿي سگهن ٿا.“
GSAM 388.2مون پڇيو، ”ڪالهہ کان وٺي تو ۾ هيءَ ايڏي وڏي تبديلي ڪيئن آئي آهي؟“
GSAM 388هڪ حيرت انگيز رويا ملي
GSAM 388.3هن جواب ڏنو، ”گذريل رات، سبت کان پوءِ، آءٌ ٽپال خاني ويس ۽ مون کي بيٽل ڪريڪ، مشيگن مان ڀيڻ وائيٽ جو هڪ خط مليو. اها هڪ شاهدي آهي، جيڪا هن منهنجي لاءِ لکي آهي.“ اهو مون کي ڏيندي هن چيو، ”هيءُ پڙهو تہ اوهان ڏسندا تہ خداوند منهنجي معاملي کي ڪيئن ٿو ڏسي.“
GSAM 388.4هن مون کي عرض ڪيو تہ ڪليسيا کي ٻڌايان تہ کيس ڀيڻ وائيٽ کان هڪ شاهدي ملي آهي، جنهن ۾ سندس هلت تي کيس ملامت ڪئي ويئي آهي، ۽ هو ان کي قبول ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اها سچائي آهي.
GSAM 388رويا جي يقين ڏياريندڙ خاصيت
GSAM 388.5هيءَ ان رويا جو هڪ حصو هئي، جيڪا مسز وائيٽ کي 10 ڊسمبر 1871ع تي بورڊوِل، ورمانٽ ۾ ڏني ويئي هئي. هن 27 ڊسمبر 1871ع تي هن ڀاءُ جي معاملي سان لاڳاپيل حصو لکڻ شروع ڪيو، پر ڪنهن سبب ڪري اها لکڻي 18 جنوري 1872ع تائين پوري ٿي نہ سگهي. ان ڏينهن اها پوري ڪئي ويئي ۽ بيٽل ڪريڪ مان ٽپال وسيلي موڪلي ويئي. تن ڏينهن مشيگن کان ڪيليفورنيا تائين خشڪيءَ جي رستي خطن پهچڻ ۾ اٽڪل نو ڏينهن لڳندا هئا.
GSAM 388.6رويا ۾ کيس ڪيتريون ئي ڳالهيون اڳڪٿيءَ طور ڏيکاريون وڃن ٿيون. هن واقعي ۾ بہ ائين ئي ٿيو. رويا ملڻ وقت انهن ڳالهين جو رڳو هلڪو نشان هو، جيڪي شاهديءَ جي سان فرانسسڪو ۾ پهچڻ وقت پوريءَ طرح ظاهر ٿي چڪيون هيون. تاريخن جي ڀيٽ ڪرڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو تہ سان فرانسسڪو ۾ هيءُ معاملو پنهنجي انتها تي تڏهن پهتو، جڏهن لکيل شاهدي بيٽل ڪريڪ مان رواني ٿي چڪي هئي. سان فرانسسڪو ۾ اسان جي ڀائرن هڪدم سمجهي ورتو تہ ڪوبہ ماڻهو بيٽل ڪريڪ ڏانهن لکي مسز وائيٽ کي اهي حالتون اهڙي وقت ٻڌائي نہ سگهيو ٿي، جو هوءَ هيءُ خط لکي سگهي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت اهي حالتون اڃا موجود ئي نہ هيون.
GSAM 389.1هن حقيقت اتي جي ڀائرن تي تمام گهڻو اثر ڪيو، ۽ کين يقين ڏياريو تہ ان رويا سان گڏ خدائي قدرت هئي. مون سان فرانسسڪو جي حالتن بابت بزرگ وائيٽ يا سندس زال ڏانهن هڪ سٽ بہ نہ لکي هئي، ۽ ساٿي خدمت ڪندڙ بہ اعلان ڪيو تہ هن ڪجھہ بہ نہ لکيو هو؛ ۽ ڀائرن چيو، ”جيڪڏهن هن لکيو بہ هجي ها، تڏهن بہ هو اهي ڳالهيون نہ ٻڌائي ها، جيڪي سندس پنهنجي باري ۾ ظاهر ڪيون ويون هيون.“
GSAM 389رويا ڪيئن لکي ويئي
GSAM 389.2جڏهن پوءِ اسان کي ٻي پاسي کان شاهديءَ جي لکجڻ ۽ ٽپال ۾ موڪلجڻ بابت خبر پئي، تڏهن اهو اڃا وڌيڪ پڌرو ٿيو تہ جنهن خداوند رويا ڏني هئي، تنهن ان جي لکجڻ ۽ پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿيڻ جي وقت جو بہ خيال رکيو هو، تہ جيئن اها بلڪل صحيح وقت تي اتي پهچي.
GSAM 389.318 جنوري 1872ع جي صبح جو تمام سوير مسز وائيٽ جي اک کلي، ۽ مٿي بيان ڪيل شاهدي سندس ذهن تي تمام چٽيءَ طرح نقش هئي. اهو تاثر کيس ايترو چٽو هو، ڄڻ هي لفظ آواز سان چيا ويا هجن، ”ڪيليفورنيا لاءِ اها شاهدي هڪدم لکي وٺ، ۽ ان کي بلڪل ايندڙ ٽپال ۾ وجھہ؛ ان جي ضرورت آهي.“ جڏهن اها ڳالهہ ٻيو ڀيرو ورجائي ويئي، تڏهن هوءَ اٿي، تڪڙ ۾ ڪپڙا پهريائين ۽ لکڻي پوري ڪيائين. نيرن کان ٿورو اڳ هن اهو خط پنهنجي پٽ وِليءَ کي ڏيندي چيو، ”هيءُ خط ٽپال خاني کڻي وڃ، پر ان کي ٽپال جي پيتيءَ ۾ نہ وجھجانءِ. ٽپال جي عملدار جي هٿ ۾ ڏجانءِ، ۽ کيس چئجانءِ تہ پڪ ڪري هن کي انهيءَ ٽپال جي ٿيلهي ۾ وجهي، جيڪا اڄ صبح رواني ٿيندي.“ هن پوءِ ٻڌايو تہ کيس سندس هدايتون ڪجھہ عجيب لڳيون هيون، پر هن ڪو سوال نہ پڇيو، جيئن چيو ويو هئس تيئن ڪيائين، ۽ ”خط کي ٽپال جي ٿيلهي ۾ پوندي ڏٺائين.“
GSAM 389خدائي رهنمائيءَ جو ثبوت
GSAM 389.4ان وقت سان فرانسسڪو ۾ اسان جي حالت ڄاڻڻ سان اوهان آسانيءَ سان سمجهي سگهندا تہ ان خط کي انهيءَ ئي ٽپال ۾ وجهڻ ڪيترو ضروري هو. تن ڏينهن خشڪيءَ جي رستي اسان وٽ ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڀيرو ٽپال ايندي هئي. جيڪڏهن اهو خط ڇنڇر، 27 تاريخ جي رات بدران آچر، 28 تاريخ جي رات پهچي ها، تہ بيشڪ ڪليسيا ۾ ڏکوئيندڙ ڦوٽ پئجي وڃي ها. جيڪڏهن اهو ڪيترائي هفتا اڳ، رويا ملڻ کان پوءِ هڪدم بہ اچي ها، تہ ڪليسيا ان جي اثر کي ايتري آسانيءَ سان سمجهي نہ سگهي ها.
GSAM 390.1هيءَ هڪ اهڙي شاهدي هئي، جنهن ۾ خداوند جي هٿ جون پڌريون نشانيون هيون؛ نہ رڳو ان ڪري تہ اها موجوده غلطين کي اثرائتي نموني سڌارڻ لاءِ مناسب وقت تي پهتي، پر ان ڪري بہ تہ جڏهن ان ڀاءُ ان کي نماڻائيءَ سان قبول ڪيو ۽ ان تي عمل ڪيو، تڏهن ان نئين ڪليسيا ۾ يڪجهتي ۽ مضبوطي آڻڻ لاءِ ان وڏو اثر ڪيو.
GSAM 390رويائون لکڻ جو طريقو
GSAM 390.2هيءُ واقعو سندس پنهنجي ان بيان جو بہ مثال آهي، جيڪو هن ڏٺل ڳالهين کي لکڻ جي طريقي بابت ڏنو آهي. انهيءَ باري ۾ هوءَ چوي ٿي: ”مون کي ننڊ مان اهڙيءَ طرح جاڳايو ويو آهي، جو اڳي منهنجي ذهن آڏو پيش ڪيل ڳالهين جو چٽو احساس مون ۾ موجود هو؛ ۽ مون اڌ رات جو اهڙا خط لکيا آهن، جيڪي براعظم پار ويا، ۽ نازڪ وقت تي پهچي، اسان جي ڪم کي هڪ وڏي آفت کان بچايو اٿن.“4